جيت راڳڻي

جيت 2 (راڳڻي): ماروا ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي، جنهن ۾ مڌم ۽ نکاد جا سُر ورج آهن. ريوا راڳ ۾ مڌم ۽ نکاد ورج آهن، بڀاس ۾ به مڌم ۽ نکاد ورج آهن. ان لاءِ اهو امڪان رهي ٿو ته اهي ٽئي راڳڻيون پاڻ ۾ ملي نه وڃن، پر گرنٿن ۾ اصول آهي ته انهن جا وادي ۽ سموادي سُر بدليل هوندا. ڪي ڳائڻا هلڪي تيور مڌم جي مرڪ امروهيءَ ۾ هڻندا آهن، ڪي هن کي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ ڳائيندا آهن،. پر اهي اصول درست ڪو نه آهن. ڪن گرنٿن ۾ جيت پوربي ٺاٺ جي راڳڻي طور ڳڻيل آهي. پوربي ٺاٺ ۾ رکب ڇڏڻ سان سري ٽنڪ جو روپ ٺهندو ۽ گنڌار ڇڏڻ سان جيت جو روپ جڙندو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جنهن مت ۾ راڳ پنهنجي قاعدي سان ٻين راڳن کان صاف الڳ ٿي بيهن، انهن کي غلط نٿو سڏي سگهجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو